شهدادڪوٽ ۾ پوليس جي ڏاڍ خلاف پورهيت سراپا احتجاج

شهدادڪوٽ ( ت ر ) شھدادڪوٽ ۾ پوليس جي ڏاڍ خلاف پورھيت احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پورهيت صدام کوسي دانھيندي چيو ته بي سيڪشن پوليس اھلڪارن گرفتار ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو، 28 نومبر واري صبح جو پوليس اهلڪارن گهر ٻاھران زبردستي گرفتار ڪري اھو چيو ته تنهنجي مٿان فرياد آهي، ھلي ٿاڻي تي منهن ڏي،جنهن بعد پوليس وارن منھنجيون اکيون ٻڌي وڃي نامعلوم هنڌ تي ڦٽو ڪيو، چوريون ۽ ڦر واري وارڌاتن ۾ زبردستي سان ڏوهه باسارائڻ لاءِ سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، مون ڏوھ باسڻ کان صاف انڪار ڪيو ته آزاد ڪيو ويو. ھن چيو آءٌ بيگناھ آھيان، پوليس وڏي ناانصافي ڪئي آهي، واقعي خلاف قمبر جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.