حيدرآباد جي المصطفيٰ ٽائون فيز ون جي 3 مهينن کان گئس بند، ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) سئي سدرن گئس ڪمپني قاسم آباد جي المصطفيٰ ٽائون فيز ون جي گئس ٽن مهينن کان بند ڪري ڇڏي، رهواسين گئس  آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. المصطفيٰ ٽائون فيز ون، باغ ارم ۽ 52 بنگلوز جي گيس ٽن مهينن بعد به بحال نه ٿي سگهي، اهڙي عمل خلاف سئي گئس آفيس قاسم آباد متاثر ماڻهن صنم لاکو، سيد لالڻ شاهه، جاويد ڀٽي، حڪيم لغاري، صيفل ڏومرو، جاويد فاروق سومرو، شهنشاه شاهه، اسلم ميمڻ، سهيل باچڪاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته المصطفيٰ ٽائون فيز ون ۾ گذريل ٽن مهينن کان گئس ناهي 24 ڪلاڪن ۾ صرف 3 ٽائيم صبح 4 وڳي کان 5 وڳي تائين شام جو 4 وڳي کان 5 وڳي تائين ۽ رات جو 10 وڳي کان 11 وڳي تائين ڪل 3 ڪلاڪ گئس ڏني ٿي وڃي، ان بعد گئس جو ڪو نالو ئي ناهي. هنن چيو ته اسان صبح ۽ منجهند جو به بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، ٻار بک تي صبح جو اسڪول ٿا وڃن، بيمار ۽ ڪراڙن ماڻهن جي ڪهڙي حالت هوندي. هنن چيو ته اسان سئو کان مٿي آر ايم کي درخواستو ڏنيون، پر ڪير دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. گئس ڪمپني جي ٽيم به سروي ڪري رپورٽ ڏني ته پوري علائقي ۾ گئس ناهي ان کي فورن شروع ڪيو وڃي، پر ڪمپني جا ڪامورا الاءِ ڇو ٽنهي ڪالونين جا وال نٿا کولن. هنن پ پ ڪوچيئرمين آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي اپيل ڪئي ته سندن مسئلو حل ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.