تنوير عباسي جي شاعري ۾ فطرت جا رنگ ملن ٿا: اياز گل

خيرپور (س  ر)  خيرپور جي ناز هاء اسڪول ۾ سنڌ ايجوڪيشنل فورم  خيرپور طرفان  سنڌ جي نالي واري شاعر محقق ۽ اديب  ڊاڪٽر تنوير  عباسي جي ياد ۾ تنوير عباسي ڪانفرنس ۽ مشاعرو ڪوٺايو ويو،  تقريب جي صدارت سنڌ جي ناليواري شاعر  اياز گل ڪئي جڏهن ته خاص مهمانن ۾ ڊاڪٽر مهر خادم، منظور لاڙڪ، سجاد ميراڻي ، ڊاڪٽر ابراهيم کرل، امر اقبال ۽ هئا ، اياز گل خطاب ڪندي چيو ته تنوير عباسي جي شاعري ۾ فطرت جا رنگ ملن ٿا،  شيخ اياز ۽ تنوير عباسي جو وڏو مطالعو هئو توير عباسي سنڌي شاعري جو چمڪندڙ ستارو هئو سندس شاعري مان ڪيترائي شاعر مستفيد ٿيا ڊاڪٽر مهر خادم ، ڊاڪٽر ابراهيم کرل، سجاد ميراڻي ،منظور لاڙڪ ، امر اقبال خطاب ڪندي چيو ته تنوير عباسي هائيڪو کي عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار هيو، جڏهن سنڌ جو نالو کڻڻ گناه هيو ان وقت به تنوير پاڻ ملهايو، شاعر پنهنجي وقت جا تاريخدان ۽ ٻولي جا محافظ ٿيندا آهن، ان موقعي تي مشاعري جي محفل ٿي جنهن ۾ سنڌ جي سريلن شاعرن سجاد ميراڻي، منظور خاموش،وشال امير، پروفيسر حسن شيخ، علي حسن سرڪي،وفا حاڪم وساڻ، وحيد وساڻ،  الطاف راجا، ساجد جمالي، ديدار معصوم ، ميرصوبدار سعيد، فياض مهيسر، محبتي مهيسر ،طارق مهيسر ،اختر کوکو، نذير احمد سروهي ، انور سانول ،حسن شيخ آصف بلوچ ، احمد مسافر، قربان گل، گل حسن گل، علي محمد خاصخيلي، غلام عباس ادني، فقير فليو،منصور عباسي، شريف عباسي، نديم اسير، حسام مھيسر، سلطان ڏيپر، امجد مڱڻهار،رزاق اڄڻ، باسط سومرو، اسحاق چانڊيو، نور محمد نور سومرو، ظهير لاڙڪ سميت 50 کان وڌيڪ شاعرن تنوير عباسي کي ڀيٽا طور شاعري پيش ڪئي،آخر ۾ فنڪار شريف عباسي، منصور عباسي، نديم اسير، پاران تنوير عباسي جا ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.