لعلورائنڪ ويجهو ڪامڻ جو ديرو، وڌيڪ ڳوٺاڻو فوت

لعلورائنڪ (ن ع آ) لعلورائنڪ ۽ ڀرپاسي بيمارين ديرو  ڄمائي ڇڏيو، ڪاري ڪامڻ تباھي مچائي ڇڏي آهي. هڪ وڌيڪ ڳوٺاڻو موت و کاڄ بڻجي ويو. ان سلسلي ۾ سياسي سماجي ڌرين ڪامريڊ غلام حسين مغيري، شرف الدين پنھور، جي ايم وڳڻ، الھرکيي ٻرڙي، لالا حفيظ پٺاڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته ضلعي قمبر ۾ ڪاري ڪامڻ جي مرض سبب ماڻھون فوت ٿي چڪا آهن، متاثر دانهون ڪري ٿڪا اهن، انتظاميا ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. قمبر شھداد ڪوٽ جي اسپتالن ۾ ڪاري ڪامڻ جا ٽڪا به اڻلڀ ٿي ويا آھن. ڪامڻ کي روڪڻ لاءِ ضلعي جي اتظاميا قدم کڻڻ بدران ايندڙ دوائون وڪرو ڪري ڪيون پيون وڃن، ھنن الزام هنيو ته ڊي ايڇ او قمبر ذوالفقار تونيو سياسي ڀوتارن سان ملي لکين رپين جون دعوائون وڪرو ڪري رھيو آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ذميوارن کان پڇاڻو ڪري اسپتالن ۾ سهولتون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.