حيدرآباد تعليمي بورڊ امتحان جا نتيجا، انٽرميڊيٽ ۾سارا ۽ ساکشي ٽاپ

حيدرآباد(رپورٽر) تعليمي بورڊ حيدرآباد ٻارهين ڪلاس جي سالياني امتحانن جا نتيجا نيٺ پڌرا ڪري ڇڏيا، گذريل 7 مهينا اڳ ورتل ٻارهين جماعت جا نتيجا مسلسل بورڊ انتظاميا جي نااهلي سبب رولڙي جو شڪار هجڻ کانپوءِ ڪالهه تعليمي بورڊ حيدرآباد جي امتحانن واري ڪنٽرولر نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا، جڏهن ته نتيجن ۾ ٻارهين ڪلاس جي پري ميڊيڪل،پري انجنئيرنگ ۽ جنرل سائنسن  شامل آهن، نتيجن موجب پوزيشن ۾ شاگردياڻين شاگردن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن ته ڪامياب ٿيلن ۾ اڪثريت خانگي ڪاليجن جا شاگرد ۽ شاگرياڻيون شامل آهن، پري ميڊيڪل گروپ ۾ 29 هزار 435 اميدوارن حصو ورتو،  جنهن مان 1671 اميدوار فيل ٿيا، جڏهن ته 6 هزار 422 شاگردن ۽ شاگردياڻين اي ون گريڊ حاصل ڪيو، 11 هزار 785 اميدوارن اي گريڊ، بي گريڊ ۾ 7381، سي گريڊ ۾ 1719، ڊي گريڊ ۾ 156، جڏهن ته بورڊ انتظاميا ڪاپي ڪيس ۾ ڪنهن کي به فيل نه ڪيو، جڏهن ته 247 اميدوارن جا نتيجا ڪن سببن جي ڪري روڪيا ويا آهن، پري ميڊيڪل گروپ ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙن ۾ڪائونٽي گرلز ڪاليج حيدرآباد جي شاگردياڻي سارا پهرين نمبر تي اچي وئي. جڏهن ته سپيريئر ڪاليج حيدرآباد جو شاگرد محمد مرتضيٰ شيخ ولد محمد حنيف شيخ ٻئين نمبر ۽ حيات گرلز ڪاليج صدر حيدرآباد جي شاگردياڻي ريا ڌيءُ ڀڳوان داس ٽئين پوزيشن کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. پري انجنئيرنگ گروپ ۾ 11 هزار 454 اميدوارن امتحان ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ 1101 شاگرد ۽ شاگردياڻيون فيل ٿيا، جڏهن ته 2457  اميدوارن اي ون گريڊ ۽ 4048  اي گريڊ حاصل ڪيو، بي گريڊ ۾ 2757، سي گريڊ ۾ 792، ڊي گريڊ ۾ 91 جڏهن ته 152 اميدوارن جا نتيجا ڪن سببن جي ڪري روڪيا ويا آهن، پوزيشن کڻندڙن ۾ پري انجنيئرنگ گروپ ۾ شاگردياڻي ساکشي بجاج پهرين، عفان شيخ ٻئين ۽ راڌيڪا ڪماري ٽئين پوزيشن ماڻي. جنرل سائنس گروپ ۾ 1380 اميدوار امتحان ۾ ويٺا، جنهن ۾ 189 فيل ٿيا، جڏهن ته 121 اميدوارن اي ون گريڊ ۽ 415 اي گريڊ کنيو. بي گريڊ ۾ 475، سي گريڊ ۾ 162، ڊي ۾ 8 جڏهن ته 4 اميدوارن جي ڪن سببن جي ڪري نتيجا روڪيا ويا، جنرل سائنس گروپ ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جو شاگرد محمد معيز پهرين پوزيشن، ايف جي ڊگري ڪاليج حيدرآباد ڪينٽ جي شاگرد محمد حسين ٻئين ۽ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج لطيف آباد جي شاگردياڻي دعا ڌيءُ عبدالجبار ٽئين پوزيشن ماڻي ورتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.