ڏکڻ وزيرستان ۾ جهڙپون، هڪ جوان شهيد، دهشتگرد مارجي ويو

ڏکڻ وزيرستان جي علائقي شيوا ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو آهي جڏهن ته هڪ پاڪ فوج جو جوان شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد جي ڪارواين ۾ ملوث هو.

ماريل دهشتگرد وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته حوالدار پاروش بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. پنجٽيهه سالن جو حوالدار پاروش شهيد جو تعلق ڪوهاٽ سان هو.

پاڪ فوج جي شعبي وڌيڪ ٻڌايو ته علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.