عام عوام ته ٺهيو ملڪ جا اهم ايوان به غير محفوظ، خطري جي گهنٽي وڄي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سي ڊي اي جي ايمرجنسي اينڊ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ کاتي خبردار ڪندي چيو آهي ته صدر، وزيراعظم جي ايوانن سميت اهم عمارتن کي سخت خطرا آهن.

ايمرجنسي اينڊ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ کاتي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻ پورن انتظامن تي سڀني ادارن کي هڪ ٻيو خط لکيو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته ريڊ زون سميت مختلف سيڪٽرن جي ڪا سرڪاري عمارت محفوظ ناهي، ايوان صدر، وزيراعظم هائوس، پرڏيهي آفيس ۾ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڻ پورا انتظام آهن.

خط ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، هاءِ ڪورٽ، پارليامينٽ هائوس جي انتظاميا ڪي مناسب انتظام نه ڪيا، ڪيبينيٽ سيڪريٽريٽ، وفاق محتسب بلڊنگ به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو انتظام ناهي ڪيو.

خط جي متن موجب ڊپلوميٽڪ انڪليو، سيڪريٽريٽ بلاڪس، نيب هيڊ ڪوارٽرز به ايم سي آءِ جي نشاندهي کي سنجيده نه ورتو، اسلام آباد انتظاميا جي آفيس ۽ شهر جي ٿاڻن ۾ به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام ناهن، هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ  ادارا ڪي انتظام نه پيا ڪن.

وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊزاسٽر اينڊ مئنيجمينٽ اٿارٽي کاتي انتظاميا لاءِ ڪيترائي خط لکيا، باهه جي واقعن ماضي ۾ اسلام آباد نه سڄي ملڪ ۾ تباهي آندي، باهه کان بچاءَ ۽ باهه وسائڻ جا اوزار غير معياري آهن، اوزار پراڻا آهن ۽ عمارتون اڳ کان وڌيڪ ڪمزور آهن.

خط موجب موجوده صورتحال ۽ آبادي جي لحاظ کان بچاءَ لاءِ سامان ضرورتن جو رڳو 10 سيڪڙو آهي، نوٽيس کي خطرو ۽ حفاظتي تنبيهه طور سمجهيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.