ادارن خلاف تڪراري بيان، پرويز الاهي مسرت چيما کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي پنهنجي صوبائي حڪومت جي ترجمان مسرت جمشيد چيما کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

مسرت جشيد چيما کي شوڪاز نوٽيس ادارن خلاف تڪراري بيان تي جاري ڪيو ويو.

وڏي وزير پرويز الاهي مسرت جمشيد چيما کان تڪراري بيان تي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.

سندس چوڻ آهي ته ادارن خلاف بيان بازي پنجاب حڪومت جي پاليسي خلاف آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.