يورپي يونين سنڌ ۾ غربت جي خاتمي جو ذمو کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا ملاقات ڪئي آهي.

ملاقات ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، خاص مددگار قاسم نويد، پي اينڊ ڊي چيئرمين حسن نقوي ۽ پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي به موجود هئا.

وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس ۾ يورپي يونين ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار، سفارتي لاڳاپن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته برساتن سبب سنڌ جو آبپاشي نظام به تباهه ٿي ويو آهي، صوبي ۾ تقريبن 20000 اسڪولن جون عمارتون برساتن سان متاثر ٿيون آهن، برسات متاثرن جي بحالي جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهيون.

يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا چيو ته يورپي يونين غربت جي خاتمي، سماجي ترقي ۽ تعليم جي شعبن ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪرڻ چاهي ٿي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي اينڊ ڊي ڊپارٽمينٽ يورپين يونين جي نمائندن سان سوشل سيڪٽر پراجڪيٽ طئي ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.