سماجي تنظيم طرفان دبئي مان موڪليل سامان سنڌ جي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن ۾ تقسيم

سنڌي ايسوسيئيشن آف يو اي اي پاران دبئي مان موڪليل سامان سنڌ جي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن ۾ ورهايو ويو.

سياري جي حوالي سان ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ اماڻيل ڪپڙا، ڪمبل سوڌو ٻيو سامان سامونڊي جهاز ذريعي راڄڌاني ڪراچي پهتو، جيڪو سنڌي ايسوسيئيشن آف يو اي اي اڳواڻن وصول ڪيو.

ايس اي يو اي اي جي ڪنوينر ماجد حيدري ۽ عبدالنبي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سامان بدين ضلعي جي سيراڻي، حيات خاصخيلي، اسحاق سمون، لنواري شريف ۽ ڀير لنڊ سميت مختلف علائقن جي ٻه سئو کان وڌيڪ خاندانن ۾ سورمي سٿ جي سرواڻ عابدا سمون جي نگراني ۾ ورهايو ويو.

ان موقعي تي ايس اي يو اي اي جي ڪنوينر ماجد حيدري ۽ عبدالنبي چانڊيو جو چوڻ هو ته سندن عزم غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪرڻ آهي.

سندن چوڻ هو ته پنهنجي وس آهر سنڌ جي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي خدمت ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.