دماغ کي سدائين لاءِ چُست ۽ ڦڙت رکندڙ خوراڪ

مختلف بيريز (اسٽرابيري، بليوبيري يا ان نسل جا ٻيا فروٽ) کائڻ ۽ چانهه پيئڻ جي عادت سان عمر وڌڻ جي باوجود دماغ کي جوان ۽ ڦڙت رکڻ ۾ وڏي مدد ملندي آهي.

اهڙي ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ صحت جي نئين تحقيق ۾ چئي وئي آهي.

رش يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر جي تحقيق ۾ نوَ سئو کان مٿي ماڻهن کي شامل ڪري انهن جي خوراڪ بابت عادتن جو جائزو ورتو ويو.

جن ماڻهن جي سراسري عمر ايڪاسي سال هئي ۽ دماغي تنزلي واري مرض ڊيمينشيا کان محفوظ هئا.

اهڙي ماڻهن جو ست سالن تائين جائزو ورتو ويو ۽ هر سال خوراڪ جي حوالي سان سوال نامه ڀرايا ويا جڏهن ته ياد داشت ۽ دماغي ٽيسٽون به ڪيون ويون.

تحقيق مان خبر پئي ته فليوونولز نالي قدرتي مرڪبن سان ڀرپور خوراڪ عمر وڌڻ جي باوجود به دماغ جي تنزلي واري خطرن کي گهٽائي ٿي.

اهڙا مرڪب مختلف قسم جي بيريز واري فروٽن سميت ٻين فروٽن، سائي پنن واري سبزين ۽ چانهه ۾ موجود هوندا آهن.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روز ٿوري مقدار ۾ ئي سائي پنن واريون سبزيون کائيندڙ ماڻهن ۾ دماغ جي تنزلي جا خطرا ٽيٽيهه سيڪڙو تائين گهٽجي وڃن ٿا.

تحقيق موجب انهن مرڪبن مان روز پندرهن ملي گرام استعمال يادداشت جي ڪمزوري واري عمل کي سست ڪري ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي مرڪب قدرتي طور تي اينٽي آڪسائيڊنٽ خاصيتن سان گڏ ورم ڪش هوندا آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته فليونولز سان ڀرپور خوراڪ جسم ۾ زهريلي مواد جي نيڪال ۽ سيلن کي پهچندڙ نقصان کان روڪي ٿو.

ماهرن اهو به چيو ته دماغ سان گڏوگڏ اهي مرڪ دل، گردن ۽ جگر سميت ٻين جسماني عضون جي لاءِ به فائديمند هوندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.