اکيون مهٽڻ سڀني جي عادت، پر ڊاڪٽر چون ٿا نه مهٽيو !

جڏهن اوهان اکيون مهٽيندا آهيو ته اوهان جي کوپڙي ۾ ڇا ٿيندو آهي؟ ايم آر آءِ اسڪين وڊيو ۾ سڀ ڏيکاري ڇڏيو آهي.

پنهنجي اکين کي مهٽڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا جنهن ۾ اوهان کي اکين جو انفيڪشن، الرجي يا ٻي ڪا طبي ڪيفيت ٿي سگهي ٿي يا وري اها هڪ عادت به ٿي سگهي ٿي.

هڪ رپورٽ موجب صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان کي پنهنجيون اکيون مهٽڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته جڏهن اسان اکين کي گهڻو مهتيون ٿا ته اکين کي نقصان پهچايون ٿا

اکيون مهٽڻ سان اسان جي کوپري ۾ ان جو ڪهڙو رد عمل اچي ٿو ان جي منطر ڪشي هڪ وڊيو ۾ ڪئي وئي آهي.

سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ريديت تي شيئر ڪيل ايم آر آءِ اسڪين جي هن وڊيو ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته پنهنجين اکين کي مهٽڻ جو عمل اسان زندگي ۾ روزانو ڄاڻائي يا اڻ ڄاڻائي ۾ ڪيون ٿا.

اهو عمل دٻاءَ گهٽائڻ جو سبب بڻبو آهي پر ٻئي پاسي اهو به ممڪن آهي ته ان جو سبب اکين جو انفيڪشن، الرجي يا جسماني صحت جي حوالي سان ڪا ٻي بيماري به ٿي سگي ٿي.

پر ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته پنهنجين اکين لاءِ ڪهڙي شئي متحرڪ ڪري ٿي ۽ جڏهن اکيون زور سان مهٽجن ته کوپڙي ۾ ڇاٿيندو آهي؟ ۽ ان کانپوءِ اکيون ڳاڙهيون ڇو ٿي وينديون آهن؟

ان حوالي سان اکين جا ماهر چون ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن اسان جون اکيون مهٽڻ سان ڳارهيون ٿي وينديون آهن ڇو ته گهڻو مهٽڻ سان رت جون نازڪ رڳون ٽٽي پونديون آهن يا رت جي رواني ۾ رنڊڪ پيدا ڪنديون آهن.

صحت جا ماهر چون ٿا ته جيترو ٿي سگهي اکين کي مهٽڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.