ڪراچي: فيڊرل اردو يوينورسٽي جا پندرهن شاگرد استاد تي مبينا تشدد جي الزام ۾ گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ قائم وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ شاگرد تنظيم جي ڪارڪنن طرفان استاد تي مبينا تشدد جو واقعو پيش آيو آهي.

ايڊمن طرفان پندرهن ون فائيو تي اطلاع ڏيڻ کانپوءِ پوليس گلشن اقبال ڪيمپس پهچي ۽ تشدد جي الزام ۾ پندرهن شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب شاگرد تنظيم اسسٽنٽ پروفيسر بائيولاجي سڪندر شيرواني تي تشدد ڪيو، متاثر اسسٽنٽ پروفيسر جي فرياد تي عزيز ڀٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جا سبب هن وقت تائين خبر ناهي پئي، تمام جلد سبب جاچي انهن کانپوءِ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.