ڌاڙيلن خلاف آپريشن، ٽي مغوي بازياب

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس آپريشن ڪري ٽن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.

گذريل ڏينهن اغوا ٿيل ٽن ڄڻ لال بخش، عبدالمجيد ۽ ابراهيم اوڳاهي کي پوليس ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪندي بازياب ڪرائي ورتو آهي.

ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين ٽن ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو آهي جڏهن ته ڏهه کان مٿي شڪي ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. ڌاڙيلن جا پنج ٿاڪ به ساڙي ڇڏيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.