ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي سينيئر اداڪار اجي ديوگن ۽ نوجوان ورون ڌون ٽوئيٽر تي هڪٻئي جي فلمن جي واکاڻ ڪئي آهي.
باڪس آفيس تي اجي ديوگن جي فلم درشيام ٽو ۽ ورون ڌون جي ڀيڙيا فلم ۾ مقابلو آهي.
ان حوالي سان گڊريل ڏينهن ورون ڌون ٽوئيٽ ڪندي چيو ته اڄوڪو آچر خاص هو، ڇو ته درشيام ٽو ۽ ڀيڙيا سينيما ڏسندڙن کي خوش ڪري ڇڏيو آهي.
هن لکيو ته اجي ديوگن سَر ۽ اڀيشڪ ڦاٽڪ کي مبارڪون هجن.
اهڙي ٽوئيٽ تي اجي ديوگن به چپ نه ويٺو ۽ چيو ته ڀيڙيا ۽ درشيام ٽو مداحن کي ٻيهر ٿيٽر ۾ اچڻ تي مجبور ڪيو آهي.
هن وڌيڪ لکيو ته اسان جي انڊسٽري ۾ سٺو وقت هلي ٿو، توهان راڪ اسٽار آهيو.