ابو ڌابي(ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارات ۾ جيولري شورومز موجب سون جي اگهن ۾ مسلسل واڌ سان ڪيترائي ماڻهو سون جا سڪا ۽ بسڪيٽ وڪرو ڪري رهيا آهن.
رپورٽ موجب شورومز مالڪن ٻڌايو آهي ته سون جا اگهه وڌڻ ۽ وڏي مدي تائين اگهن ۾ استحڪام سبب سون جي سڪن ۽ بسڪيٽس جي واپار ۾ تيزي آئي آهي.
ڪيترائي ماڻهو سون جا سڪا ۽ بسڪيٽ ان اميد تي وڪرو ڪري رهيا آهن ته ايندڙ وقت ۾ ايترا سٺا اگهه کين نه ملندا.
گذريل هفتي جي آخر ۾ امارات جي گولڊ مارڪيٽ ۾ سون جي اگهن ۾ 50 کان 75 فلس جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، اها گهٽتائي دبئي ۽ شارجا جي گولڊ مارڪيٽن ۾ مققرر اگهن بابت آهي.