استعيفائن جو معاملو، خواجا آصف وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبليون ٽوڙيون ويون ته نيون چونڊون ٿي وينديون پر پي ٽي آءِ جا اڌ کان وڌيڪ ماڻهو رابطي ۾ آهن ته استعيفائون منظور نه ڪجو.

پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته عمران خان قانون ۽ آئين کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪندو رهيو آهي، عمران خان پنهنجو آخري پتو اڇلائي ڇڏيو آهي، اڳ ۾ هو قومي اسيمبلي مان استعيفائون ته منظور ڪرائي.

هن چيو ته جڏهن اهي صوبائي اسيمبلين مان استعيفائون ڏيندا ته ڏسئون ٿا ڪيترا ماڻهو ٿا استعيفيٰ ڏين، پي ٽي آءِ جا اڌ کان وڌيڪ ماڻهو رابطي ۾ آهن ته استعيفائون منظور نه ڪجو.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن صوبائي اسيمبليون ٽٽي ويون ته نيون چونڊون ٿي وينديون، چوڌري پرويز الاهي سياست ۾ ڪڏهن وڏي رسڪ ناهي کنئي، هو سدائين وزنائتي پاسي ڏانهن ويهندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.