واپاري جي اڪيلي ڌيءَ 7 هزار ڪروڙ رپين جو ڪاروبار سنڀالڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ارب پتي واپاري رميش چوهان جي ڌيءَ وراثت ۾ مليل 7 هزار ڪروڙ رپين جي فرم هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

رميش چوهان جي ڌيءَ جو نالو جينتي چوهان آهي.

رميش هندستان ۾ ‘ٿمبس اپ’، گولڊ اسپاٽ ۽ لمڪا جهڙا برانڊز شروع ڪيا.

سندس منرل واٽر ڪمپني Basleri هندستان جي سڀ کان ڪامياب ڪمپنين مان هڪ آهي، جنهن جي مارڪيٽ ڪيپ 7,000 ڪروڙ رپيا آهي.

رميش چوهان پنهنجي ڪمپني کپائڻ لاءِ ڪمپنين سان رابطو شروع ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته سندس ڌيءُ جيانتي ڪمپني سنڀالڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ٽاٽا ڪنزيومر پراڊڪٽس لميٽيڊ کي رميش چوهان جي ڪمپني بسليري خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي آهي جڏهن ته ٻنهي وچ معاملا اڃا طئي ناهن ٿيا.

جينتي هن وقت بسليري انٽرنيشنل جي وائيس چيئرپرسن آهي ۽ رميش چوهاڻ جي اڪيلي اولاد آهي، جينتي ننڍپڻ دهلي، ممبئي ۽ نيويارڪ ۾ گذاريو.

گريجوئيشن کان پوء، جيانتي لاس اينجلس ۾ فيشن انسٽيٽيوٽ آف ڊيزائن ۽ مرچنڊائيزنگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پيداوار جي ترقي جو اڀياس ڪيو.

جيانتي چوهان پهريون ڀيرو بسليري انٽرنيشنل جي دهلي آفيس ۾ 2011 ۾ چارج ورتي.

ڪمپني کي 2021 ۾ 95 ڪروڙ ۽ 2020 ۾ 100 ڪروڙ جو منافعو هو.

2023 ۾، ڪمپني کي 220 ڪروڙ رپيا منافعو حاصل ڪرڻ جي اميد آهي.

رميش چوهاڻ هاڻي اڪثر بيمار رهي ٿو ۽ جينتي چوهان ڪمپني سنڀالڻ ۾ دلچسپي نٿي رکي تنهن ڪري ڪمپني وڪرو ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.