حيدرآباد: راڳي برڪت فقير جي پٽ جو لاش هٿ، موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿيو

حيدرآباد مان ناليواري راڳي برڪت فقير جي نوجوان پٽ جو لاش هٿ آيو، سندس موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آهي.

برڪت فقير جي 19ورهين جي پٽ مهر علي جو لاش راڻي باغ ڀرسان واڌو واهه مان هٿ آيو.

اطلاع تي پوليس پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويندو.

نوجوان جي موت جو اڃا تائين ڪارڻ معلوم ناهي ٿيو، ڊاڪٽرن موجب وڌيڪ حقيقتون پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد سامهون ايندو.

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو موت ڪيئن ٿو واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي پاسي راڳي برڪت فقير جو چوڻ آهي ته پٽ مهر علي رات ڏيڍ وڳي گھران نڪتو هو ۽ اڄ سندس لاش مليو آهي، خبر ناهي موت ڪيئن ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.