”اسان گهڻو صبر ڪيو“ ٽي ٽي پي سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن کي حملن جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 

ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) حڪومت سان جون ۾ طئي ٿيندڙ سيز فائر ختم ڪندي پنهنجي دهشتگردن کي سڄي ملڪ ۾ حملن جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٽي ٽي پي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي عسڪري ڌرين کي جتي به حملي جو موقعو ملي حملو ڪن.

بيان موجب بنون جي ضلعي لڪي مروت سميت مختلف علائقن ۾ عسڪري ادارن طرفان مسلسل آپريشن ٿي رهيا آهن ۽ انهن حملن جو نه نه رڪجڻ وارو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي.

پاڪستان جي عوام کي مخاطب ٿيندي ٽي ٽي پي چيو آهي ته اسان ڪيترائي ڀيرا توهان کي خبردار ڪيو ۽ مسلسل صبر کان ڪم ورتو ته جيئن ڳالهين جو عمل گهٽ ۾ گهٽ اسان جي طرفان نه رڪجي پر فوج ۽ ڳجها ادارا نه مُڙيا ۽ حملا جاري رکيا ويا.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هاڻ ملڪ ۾ اسان جا انتقامي حملا به شروع ٿيندا.

هوڏانهن حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز طرفان ان حوالي سان ڪو بيان اڃا تائين سامهون ناهي آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.