راڻيپور ويجھو معصوم ڀيڻ ڀاءُ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت، وارثن جو انتظاميا تي ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان

راڻيپور ويجھو معصوم ڀيڻ ڀاءُ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، وارثن سندن موت جو ذميواري ٽائون انتظاميا کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ڳوٺ سالاري سولنگي ۾ 11ورهين جو آزاد ۽ سندس 10 ورهين جي ڀيڻ سويرا سولنگي پير ترڪڻ سبب برساتي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي ويا.

ڳوٺاڻن سندن رڙين تي ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ کي بيهوشي واري حالت ۾ پاڻي مان ڪڍي راڻيپور اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي.

هڪ ئي وقت ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ ڳوٺ جو ماحول سوڳوار بڻجي ويا.

فوتي ڀيڻ ڀاءُ جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن سندن موت جو ذميوار ٽائون انتظاميا کي قرار ڏيندي چيو ته برساتن کي ٻه مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر هر هر دانهڻ باوجود انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرايو، جنهن سبب هي واقعو پيش آيو.

فوتين جي وارثن چيو ته ٻارڙن جو موت ٽائون انتظاميا جي بي حسي سبب ٿيو، عدالت معاملي جو نوٽيس وٺي ٽائون انتظاميا تي قتل ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.