ميهڙ ۾ يوسي منگواڻي جي ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

ميهڙ ۾ يوسي منگواڻي جي ٻوڏ متاثرن پاران واهر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

يوسي منگواڻي جي ڳوٺ رجباڻي، خداد چانڊيو، خير محمد ۽ الله وسايو سوڌو مختلف ڳوٺن جي متاثرن انڊس هاءِ وي تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته ٻوڏ دوران سموري يوسي منگواڻي متاثر ٿي پر ضلعي انتظاميا توڙي ڪنهن به چونڊيل نمائندي سار ناهي لڌي، ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

سندن چوڻ هو ته يوسي ۾ اڃا تائين نه سروي جو ڪم شروع ٿي سگھيو نه ئي زرعي زمينن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرايو ويو آهي، هارپي تي گذارو ڪندڙ غريب ماڻهو پريشانين جي ور چڙهي ويا آهن.

هنن سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته يوسي منگواڻي مان ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪالي سوڌو سروي جو ڪم شروع ڪرائي متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.