اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي ميداني علائقن ۾ هلندڙ هفتي ڪوهيڙو پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسمياتي کاتي موجب مسلسل خشڪ موسم سبب اترين، اوڀرين ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙو شروع، خيبرپختونخوا جي ميداني ۽ اتر سنڌ ۾ صبح جو ڪوهيڙو ٿيڻ جي شروعات ٿي وئي.
ان بابت موسمياتي کاتي پاران اڳڪٿي ڪئي وئي ته هلندڙ هفتي جي دوران رات ۽ صبح جي وقت ڪوهيڙو ٿيڻ جو سلسلو جاري رهندو جڏهن ته گلگت بلتستان، ڪشمير، اوڀر بلوچستان ۽ اتر خيبرپختونخواءِ ۾ موسم شديد ٿڌو هوندو.
موسميات کاتي موجب ڪوهيڙو سبب اچ وڃ متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي، هواءِ آلودگي حساس ماڻهن جي صحت لاءِ هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي.