پنجاب ۾ عورتن سان ظلم، هر چوٿين عورت گهريلو تشدد جو نشانو بڻجڻ جو انڪشاف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پنجاب ۾ هر چوٿين عورت گهريلو تشدد جو نشانو بڻجندي آهي.

رپورٽ ۾ کاڌي ۾ لوڻ وڌيڪ هجڻ تي به عورتن کي مارڪٽ جا واقعا گهڻا ٻڌايا ويا آهن.

رپورٽ موجب کاڌو وقت تي نه ڏيڻ تي به عورتن تي تشدد ڪيو ويندو آهي، ڪنهن ٻي عورت سان دوستي جي سوال تي به عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، جڏهن ته عورتون مڙس جي نافرماني جي نالي تي سڀ کان وڌيڪ تشدد برداشت ڪنديون آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عورتن کي بي وفائيءَ جو الزام هڻي به تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي.

وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري سميرا صمد موجب گذريل هڪ سال ۾ گهريلو تشد جا واقعا وڌيڪ رهيا، گذريل سال پنجاب ۾ تڪڙي مدد لاءِ 5 هزار ڪالز وصول ٿيون.

هن چيو ته عورتن تي تشدد خلاف 15 ڏينهن جي آگاهي مهم 10 ڊسمبر تائين جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.