عمران خان جو اسيمبلين مان مستعيفي ٿيڻ جو اعلان ۽ سياسي صورتحال

پاڪستان ۾ سياسي ڀونچال اڃان جاري آھي،سياسي چالن مان ائين ٿو لڳي ڄڻ اھو ھڪ اھڙو سلسليوار قصو آھي،جيڪو تجسس سان ڀريل آھي، ھاڻي وري پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سمورين اسيمبلين مان پنھنجي پارٽي جي ميمبرن جي استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي. ھن ”حقيقي آزاديءَ“ جي نالي سان لانگ مارچ کي خطاب ڪندي اھڙو اعلان ڪيو. ھن کان اڳ عمران خان ڪيتريون ئي ڳالھيون ڪيون جن جو بظاھر ڪو بھ بڻ بنياد نھ ھو،جنھن بابت بھرحال اھو تاثر مليو تھ ھو غير سنجيدھ سياست کي اڳيان وڌائي رھيو آھي، نھ رڳو ايترو پر پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ پنھنجي ڪيل ھر ڳالھھ تان وري ھٿ بھ کڻندو رھيو،جنھن کي عرف عام ۾ ھن جو ”يوٽرن“ قرار ڏنو ويندو رھيو ۽ اھڙي نوعيت جي عمل کي ھو پاڻ درست پڻ قرار ڏيندو رھيو آھي،جنھن سان ھڪ وڏي خاموش اڪثريت جيڪا ھن سان گڏ ھئي ان جي ھو حمايت کان محروم بھ ٿي ويو آھي.

سياست ۾ ليڊر جي لاءِ اھو ضروري ھوندو آھي تھ اھو ھر ڏينھن عوام جي لاءِ وڌيڪ ڀروسي جوڳو ٿئي،جيڪا ڳالھھ ڪري ان ۾ ڪا حڪمت ھجي،ان سان عوام جي ڀلائي جو ڪو پھلو لاڳاپيل ھجي،گڏوگڏ ملڪ ۾ جمھوريت جي روايتن تي يقين رکندڙ ھجي،جمھوري قدرن کي سگھارو ڪري،ان بنا جيڪا بھ سياست ڪئي وڃي ٿي ان کي گھڻي عوامي مڃتا نٿي ملي، وقتي طور وڏي ڳالھھ ڪري حمايت تھ حاصل ڪري سگھجي ٿي پر عام ماڻھون جي لاءِ اعتبار جوڳي بڻجڻ ۽ پنھنجي ڳالھھ تي قائم رھڻ ۽ عوام جي وڪالت ڪرڻ ئي بنيادي عمل ھئڻ گھرجي.ڪنھن بھ پارٽي جي پروگرام،مينفيسٽو، عوامي ڀلائي جي رٿائن جي ڳالھھ کي وري عوام عمل ۾ بھ ڏسڻ چاھي ٿو،سو جڏھن ھڪ ڀيرو اھو موقعو پاڪستان تحريڪ انصاف کي مليو ھو تھ اھا جماعت پنھنجي ڏنل پروگرام مان ڪنھن ھڪ بھ نڪتي تي عمل ڪرائي نھ سگھي، نھ رڳو ايترو پر عمران خان جيڪو باقي سياسي اڳواڻن کي بدعنوان قرار ڏيندي نھ ٿڪجندو ھو ،تنھن جي پارٽي کي جڏھن اقتدار مليو تھ ھن جي ويجھن ماڻھن تي ڪرپشن جا ٻين کان وڌيڪ الزام لڳا، جنھن سان خلق جي اڪثريت حيران ٿي وئي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي بھ رواجي پارٽي سمجھڻ لڳي.

عمران خان پنھنجي حڪومت ختم ٿيڻ بعد پھرين تھ آمريڪا تي الزام ھنيو تھ ان سندس سرڪار کي ڊاھڻ وارو ڪم انجام ڏنو آھي،جنھن سان گڏ ھن اسٽيبلشمينٽ ۽ پاڪستان جي عسڪري قوتن مٿان تنقيد جا تير وسايا تھ انھن سندس حڪومت کي ختم ڪرايو آھي،تازو ئي ھو وري انھن پنھنجي چيل ڳالھين تان ڦري پڻ ويو.عمران خان ئي ھو جنھن اھو اعلان ڪيو تھ ھو ھن حڪومت کي ڪنھن بھ صورت ۾ تسليم نھ ڪندو.جنھن ڪري ان کي ڊاھڻ جي لاءِ سرگرم ٿي ويو.پاڪستان تحريڪ انصاف نيئن جڙيل حڪومت خلاف پھرين ڏينھن کان مھم ھلائي رھي آھي،جنھن سان ھو عوام سان رابطي ۾ آھي،پر سندس بيانن ۽ تقريرن کي سياسي بنيادن تي پرکجي ٿو تھ سندس اختيار ڪيل موقف ۽ زميني حقيقتن سان ڪا بھ مطابقت نظر نٿي اچي،ان ھوندي بھ عمران خان جي مقبوليت موجود آھي،جنھن جي بنياد تي ئي ھو ملڪ جي سمورن ادارن خلاف اڻوڻندڙ ٻولي بھ استعمال ڪندو رھيو آھي،تازو ھن جنھن اھم معاملي کي تڪرار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي اھو  فوجي سربراھ جي مقرري جو ھو،جيڪو بھ ھاڻي آئيني طور طريقي سان مڪمل ٿي ويو آھي،جنھن کانپوءِ ھن وٽ سياست جي ميدان ۾ کيڏڻ جي لاءِ باقي ڪو بھ ڪارڊ نھ رھيو آهي.

عمران خان جي پارٽي ميمبرن  نئين حڪومت جي قائم ٿيڻ سان ئي قومي اسيمبلي مان گڏيل استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو پر  غيرسنجيدگيءَ جي مظاھري سبب سمورن ميمبرن جي استغفيٰ جو عمل مڪمل نھ ٿيو.ھتي سوچڻ جي ھڪ اھم ڳالھھ ھي آھي تھ جيڪو سياسي اڳواڻ پارليامينٽ جي سياست ۽ آئين ۾ليکل قاعدن قانون تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي،اھو ڪيئن اڳيان پارليامينٽ جي سياست تي يقين ڪندو،سياسي مبصرن جو خيال آھي تھ ھاڻي پاڪستان تحريڪ انصاف وٽ ھڪڙو ئي بھترين رستو آھي تھ اھا وري پارليامينٽ ۾ واپس اچي ۽ ڀرپور اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري، ان جي ابتڙ وري عمران خان پنھنجي سمورن پارٽي ميمبرن جي استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي،سندس چوڻ آھي تھ ھو   موجوده نظام جو حصو نه بڻجندو ۽ سموريون اسيمبليون ڇڏيندو.

بھرحال ان سلسلي ۾  صلاح مشوري بعد اسيمبلين مان استعيفيٰ ڏيڻ جي  حتمي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.ھڪڙي لحاظ سان اھا چڱي سياسي چال آھي پر چوندا آھن تھ سياست ۾ وقت گھڻو اھم ھوندو آھي، اھو سڀ ڪجھھ عمران خان کي تڏھن ڪرڻ گھرجي ھا جڏھن ھي حڪومت جڙي ھئي. ھاڻي جڏھن سندس سنجيده حلقن جي حمايت ختم ٿي رھي آھي،تڏھن اھڙي اعلان ڪرڻ کي سياسي مبصر پي ٽي آءِ اڳواڻ جي سياسي خودڪشي سان ڀيٽي رھيا آھن. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي، آئيني طور تي پڻ وڏي وزير جي مشوري تي گورنر اسيمبلي ٽوڙڻ جو پابند آھي، پر پنجاب ۾ صورتحال ڪافي دلچسپ آھي،جتي پي ٽي آءِ جي حمايت سان وڏو وزير پرويز الاھي آھي،جنھن جون فقط 10 سيٽون آھن،پنجاب ۾ صورتحال منجھي سگھي ٿي باقي ڪي پي ڪي جي سموري اسيمبلي ٽٽڻ آسان ھوندي پر اھو سڀ ڪجھھ اڃان مڪمل ٿيڻ ۾ وقت لڳندو ساڳي طرح عمران خان بھ وري اھڙي اعلان تان ڪو نھ ڪو سبب ڳولي ڦري سگھي ٿو ڇاڪاڻ جو سندس ماضي جو رڪارڊ اھڙا اشارا ڏئي رھيو آھي.

ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ جيڪڏھن عمران خان مستقبل ۾ سياست ڪرڻ جو ارداو رکي ٿو تھ کيس اسيمبلين ۾ رھڻ گھرجي،قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃڻ گھرجي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ان سان ئي ايندڙ چونڊن جو ڪو گس نڪري سگھي ٿو،جيڪڏھن ضد وارو رويو اختيار ڪيو ويو تھ ان سان نھ رڳو ملڪ پر عوام کي بھ وڏو نقصان سھڻو پوندو، ھن وقت بھ ملڪ معاشي توڻي ساسي طور تي ڪنھن بھ طرح بھتر پوزيشن ۾ ناھي، جنھن ڪري ان جو سمورو ذميوار وري بھ عمران ئي بڻجي رھيو آھي،جنھن سان سندس سياست ۽ مستقبل تي ڪافي اثر پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.