اچو ٻوڏ متاثرين جي سار لھون ۽ اُنھن جي دردن جو درمان بڻجون!

فياض حسين راڄپر

گذريل چئن  مهينن کان سڄي سنڌ ۾ برسات جيڪا تباهي مچائي ڇڏي آهي اُن جو ازالو تمام گھڻو مشڪل آهي سنڌ جو ھر ننڍو توڻي وڏو شهر برسات ۽ ٻوڏ ۾ شديد متاثر ٿيو آهي اصلوڪن سنڌي ماڻهن جا اجھا ڊھي پٽ ٿي ويا جيڪي نٽڻ اُس ۾ کليل آسمان هيٺان سهائتا لاءِ واجھائي رهيا آهن جڏهن ته ٻھراڙي سميت شھرن ۾ رھندڙ ماڻھو پڻ بي گھر آهن جن جي لڙڪن ۽ سڏڪن جا آواز ٻڌي ھر درد وند باشعور ماڻهو جو جيءُ جھري ٿو پوي پر اُھي آواز ۽ سڏڪا حڪمرانن ۽ سياسي ڪامورن کي جھنجھوڙي ناھن سگھيا جيڪي ھزارين سالن جي سکي ستابي سنڌ کي تباھه ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڏينھن رات لڳل آهن ٻئي پاسي مھانگائيءَ جو راڪاس غريب عوام جي چيلهه چٻي ڪري سندن ھڏين جي مک به چوسي ڪڍي غريب عوام کان جيئڻ جو حق کسي وسيلن، روزگار کي ھڙپ ڪري سنڌي قوم کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻاھرين ملڪن مان آيل فنڊن کي رات جي گھگھه اوندهه ۾ حڪمران سياسي ڪامورا پنھنجن پيٽن ۾ لڪائي ڊيلرن ۽ دڪاندارن وٽ وڪرو ڪري رهيا آهن

سنڌي قوم کي ماني ڳڀو ڏيڻ بدران”روٽي ڪپڙا ۽ مڪان“سنڌ کي ڏيڻ  بدران ھاڻي غريب عوام کان سڀ ڪجھه کسڻ کانپوءِ جيئڻ جو حق به کسي ڇڏيو آھي برسات جي گندي پاڻيءَ ڪري سنڌي خطري ۾ آهن ھِن وقت به ڪيترن ئي شھر ۾ گندو پاڻي بيٺل آهي ڪيترائي ماروئڙا بک وگھي ۽ خطرناڪ بيمارين سبب موت جو شڪار بڻجي ويا آهن جنھن لاءِ انساني حقن جي ترجماني ڪندڙ ” عوامي آواز گروپ “ پاران سنڌ واسين کي”اچو ٻوڏ متاثرن جي سار لھون“ جي سڏ سان ٻوڏ متاثرن لاءِ آواز اٿاري اعليٰ اختيارين تائين پھچائڻ جو وچن ڪيون سرڪار پاران ٻوڏ متاثرين کي رليف ڏيڻ بجاءِ ٺلھا آسرا ڏئي اُنهن جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪيو آهي جيڪي ھِن وقت به سرد ٿڌ جي موسم ۾ کليل آسمان هيٺ دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن

"عوامي آواز ميڊيا گروپ” کي جَسُ هجي جيڪي ھِن ڏُکي وقت ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وس آهر ڪوششون ڪري سندن جو آواز اعليٰ اختيارين تائين پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي ھر سال جيان عوامي آواز سنڌ ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪروڙين گھر بي گھر ٿيڻ فصل ۽ مال متاع برباد ٿي وڃڻ ڪري ھِن سال ”ثقافت ڏھاڙو“ کي متاثرين جي نانءُ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ”اچو ٻوڏ متاثرين جي سار لھون“ جي عنوان هيٺ سڄي سنڌ ۾ سيمينار، تقريبون ۽ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪي کليل آسمان هيٺ دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ مدد لاءِ واجهائيندا رھن ٿا جن کي سرڪار نظرانداز ڪري رهي آهي اَسان جو اِھو فرض آهي ته ٻوڏ متاثرين جي دردن جو درمان بڻجي اُنهن جي مدد ڪيو، سنڌ جي باشعور عوام کي نماڻي وينتي آهي ته سڀ گڏجي ھڪ آواز ٿي عوامي آواز گروپ سان ٻانھن ٻيلي ٿي ڌرتي ڌڻين جي مالڪي ڪن ۽ سار سنڀار لھن جيئن اسان پنهنجو سگھارو آواز اعليٰ اختيارين تائين پهچايون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.