” پاڪستان کي غدارن جو ملڪ ڇو بڻايو ويو آهي، علي وزير آزاد ٿيڻ گهرجي“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  پاڪستان کي افواهن ۽ سياسي اختلافن جي بنياد تي غدارن جو ملڪ بڻايو ويوآهي. علي وزير ڇا اعظم سواتي جهڙي  گندي ٻولي استعمال ڪئي جو قيد آهي، ڇا  ايم اين اي محسن داوڙ جو اهو ڏوهه  آهي ته هن ڀوڳ  واري انداز ۾ چيو ته  نئين آرمي چيف لاءِ انٽرويو  ڪيو، ان ڪري سندس نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو.

ناميارن صحافين موجب ايم اين اي محسن دواڙ پرڏيهي معاملن واري پارلياماني  ڪميٽي  جو ميمبر  آهي. ان کي پرڏيهه وڃڻ کان هوائي اڏي تي روڪيو وڃي ٿو.

سردار اختر مينگل ۽ محمود خان اچڪز ئي جي حب  الودطني  تي سواليا نشان آهي. عمران خان جي حڪومت هئي ته پي ڊي ايم وارا سڀ غدار هئا.

اڄ  پي ٽي آءِ وارا غدار آهن. ائين ٿو لڳي ته غدار اڪثريت ۾ اچي ويا آهن ۽  ملڪ غدارن جو ٿي ويوآهي. ناميارن صحافين جو چوڻ آهي ته هاڻي  اهو سلسليو بند ٿيڻ گهرجي، اعظم سواتي جو معاملو  به حڪومت ختم ڪرائي، علي وزير کي به آزاد ڪيو وڃي، ملڪ جي  شهرين جي  حب الوطني تي شڪ ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ  گهرجي جيئن ملڪ محب الوطن شهرين جو سڏيو وڃي. دنيا ۾ ملڪ جي بنا سبب بدنامي ٿي رهي آهي.

جيڪا پراڻي پاليسي هلي رهي آهي، ان سان غدار گهٽ نه ٿي ويندا، اڃا به وڌي ويندا. ان ڪري ان پاليسيءَ کي حڪومت ختم ڪرائي.

نوٽ: اعزاز سيد/عمر چيما جو هي تبصرو روزاني عوامي آواز سومر 22-11-28 تي شايع ٿيو

ان ئي حوالي سان 

محسن داوڙ کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ سول بالادستي تي سواليه نشان

 اتروزيرستان سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ الزام هنيو آهي ته کيس وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) اسلام آبادايئرپورٽ تي سيڪيورٽي ڪانفرنس لاءِ تاجڪستان وڃڻ کان روڪيو ويو، ٽوئيٽر تي جاري هڪ بيان ۾ هن چيو ته کيس سفر ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن جو نالو ڪابينا ٻن مهينن لاءِ اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو هو، ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪڻ جي واقعي کي چڙڏياريندڙ قرار ڏيندي هن گهرو وزارت پاران جاري ڪيل ميمورنڊم شيئر ڪندي چيو ته وفاقي ڪابينا 17 آڪٽوبر تي کيس 60 ڏينهن دوران ٻاهرين ملڪ سفر جي اجازت ڏني هئي، محسن داوڙ کي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي هئي ۽ کيس تاجڪستان جي راڄڌاني دوشنبي ۾ ٿيندڙ ڏهين هرات سيڪيورٽي ڊائيلاگ ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿيڻو هو، ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪڻ جي ذميوار شخص جو حوالو ڏيندي هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر غيرجانبدار حوالدار ثابت ڪيو ته ان وٽ وفاقي حڪومت کان وڌيڪ اختيار ناهن

حڪمران ”ڪو ٻيو“ آهي، اسان ته ان ۾ هروڀرو آهيون: مصطفيٰ کوکر

 

 پ پ جي استعيفيٰ ڏيندڙ مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته علي وزير جي بندش هجي يا محسن داوڙ مٿان سفري پابنديون، مريم نواز جي ڪمري جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي وڃڻ هجي يا فريال ٽالپر کي اسپتال مان گهلي جيل ۾ اڇلائڻ ۽ اڄ جي دور ۾ سياسي مخالفن تي تشدد ٿيڻ، حڪمران” ڪو ٻيو“ آهي اسان آهيون هروڀرو ان ۾، سينئر صحافي حامد مير ٽوئيٽ ڪيو ته ان جو ڪهڙو مطلب آهي؟ پارليامينٽ کان وڌيڪ طاقتور ڪو ٻيو آهي ڇا؟ اهو انهن سمورن پارليامينٽينرينز تي چماٽ آهي جيڪي سمجهن ٿا ته اهي هن ملڪ جون وڏيون گنون آهن،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.