پنجاب ۾ پرويز الاهي برقرار يا نئون وڏو وزير، اختيار آصف زرداري حوالي

لاهور (امداد سومرو) پنجاب ۾ حڪومت جي  تبديليءَ  جون سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، نواز شريف جون سياسي طور اکيون ۽ ڪن سمجهي ويندڙ شخصيت  ناڻي واري وزير  اسحاق ڊار جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾  ملڪي سياسي ۽ معاشي حالتن  جو جائزو وٺڻ  سان گڏ پنجاب حڪومت جي تبديليءَ تي اهم صلاح مشورا ڪيا ويا آهن.

ذريعن  موجب پرويز الاهي کي  ” ريٽين“ ڏيڻ يعني  برقرار رکڻ يا هٽائڻ جا مڪمل اختيار آصف زرداري کي  ڏنا ويا آهن. نواز شريف جو به  کيس پيغام پهچايو ويو آهي. جنهن کانپوءِ  لاهور جي بلاول هائوس عملي کي آصف علي زرداري جي آمد جو اطلاع  ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پ پ ۽ (ن) ليگ جي ايم پي ايز  کي فوري طور لاهور پهچڻ ۽ اينڊڙ هدايتن تائين موجود رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب (ن)  ليگ امڪاني طور وڏ وزارت لاءِ ملڪ احمد خان جو نالو  تجويز ڪيو آهي ۽ پ پ جي حسن مرتضيٰ  جي به امڪاني وڏي وزير  طور نامزدگيءَ  جي حمايت ڪئي آهي. پنجاب ۾ تبديلي لاءِ آصف زرداري چوڌري شجاعت سان پڻ ملاقات ڪندو.

اتحادي حڪومت لاءِ پنجاب حڪومت جي تبديلي  اڳ ئي نواز شريف جي واپسي لاءِ اڻٽر هئي ويتر اسيمبلين مان استعيفائن واري عمران خان جي اعلان بعد ته  وڏي صوبي ۾ تبديلي مجبوري بڻجي وئي آهي. هڪ طرف عمران خان کي سياسي طور معذور ڪيو ويندو ، ٻئي طرف نواز شريف جي واپسيءَ  جو رستو صاف ڪيو ويندو ۽ ان ڪري اهو هدف حاصل ڪرڻ جي ذميواري سياسي مفاهمت جي بادشاهه آصف زرداري حوالي  ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن پرويز الاهي  جا عمران خان سان ايف آءِ آر مرضيءَ موجب نه ڪاٽڻ ۽ جلسي جي اجازت 52  شرطن تي ڏيڻ وارن معاملن کانپوءِ لاڳاپا بهتر نه رهيا آهن. جڏهن  ته عمران خان جي حڪم تي اسيمبلي ٽوڙڻ وارو غير سياسي جوکم کڻڻ لاءِ به پرويز الاهي قطعي طور راضي نه ٿيندو.

اهو ئي سبب آهي جو عمران خان جي جلسي ۾ به پرويز الاهي شرڪت نه ڪئي. ان ڪري پرويز الاهي ۽  عمران خان ۾ پيدا ٿيل خال جو به  آصف زرداري ۽ پرويز الاهي فائدو کڻي سگهن ٿا. ڇو ته جيڪو شخص آصف زرداري سان وڏي ڀاءُ  چوڌري شجاعت ذريعي معاملا  طئي ڪري رات جو مٺائي کائي خير  جي دعا گهري صبح جو بني گالا  پهچي نه صرف آصف زرداري پر پنهنجي ڀاءُ شجاعت جي سياسي ساک خراب ڪري سگهي ٿو.

اهو پرويز الاهي پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۽ 9 مهينا وڏو وزير رهڻ لاءِ آصف زرداريءَ جي بعيت به ڪري سگهي ٿو. ڇو ته اهي به ڳالهيون هلي رهيون آهن ته اسيمبلين جو 6  مهينا يا سال مدو وڌي به سگهي ٿو.

ان منظر کي به سامهون رکندي پرويز الاهي موقعو هٿان نه وڃڻ  ڏيندو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه وقت کانپوءِ کائنس دوکي جو پلاند بي اعتمادي رٿ ذريعي به ٿي سگهي ٿو.

نوٽ: امداد سومرو جو هي تبصرو رزواني عوامي آواز 22-11-28 شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.