ماڙي پيٽروليم ڪمپني جون زيادتيون، معاوضو نه مليو، داد لغاري ۾ احتجاج

داد لغاري (رپورٽ :  امجد لغاري  ) داد لغاري ويجھو ماڙي پيٽروليم ڪمپني ڏھرڪي جي انتظاميا  خلاف سوين ڳوٺاڻن الھواريو  مھر جي اڳواڻي ۾ گئس جي کوھ نمبر 12 اڳيان احتجاج ڪيو ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته ماڙي پيٽروليم ڪمپني جون اسان مقامي ماڻھن  سان زيادتون بند نه ٿيون آھن. ڪمپني انتظاميا اسان کي ڪيترائي سال گذرڻ باوجود کوھ ۾ ايندڙ زمين جو معاوضو نه ڏنو آھي ۽ ھاڻي ڪمپني انتظاميا گئس جي کوھ مان زھريلو پاڻي اسان جي زمينن ۾ ڇوڙ ڪري اسان قيمتي زمينن کي برباد ڪري ڇڏيو آھي، جنھن سبب اسان جي ڳوٺ جي سوين ايڪڙ زمين  آبادي جي لائق نه رھي آھي، ڪمپني انتظاميا جي ظلمن خلاف اسان ڪيترائي دفعا احتجاج به ڪيو پر اڃا تائين اسان کي پنھجو حق ڏيڻ بدران اسان مٿان پوليس معرفت دٻاءِ وجھي خاموش ڪرائڻ چاھين ٿا  ھنن چيو ته اسان ڪمپني انتظاميا علائقي ۾ گئس جو پريشر چيڪ ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي زھريلو پاڻي ڇوڙ ڪري زمينن کي آلودھ ڪري ڇڏيو آھي ـ ھنن چيو ته ھاڻي زمينون آبادي جي لائق نه رھيون آھن ھنن ڊي سي گھوٽڪي کان مطالبو ڪندي چيو ته ڀنا دير ماڙي ڪمپني انتظاميا جي زميوار آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري زھريلو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو سلسلو روڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان جي زمينن جو رھيل معاوضو جاري ڪيو وڃي، جيڪڏھن اسان سان انصاف نه ٿيو ته ڪمپني جي مک گيٽ اڳيان احتجاج ڪنداسون جيڪوانصاف نه ملڻ تائين جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.