حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي مرزا ڦاٽڪ واري علائقي مان هڪ تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ آيو. پڃاري پوليس ايڌي معرفت ٻار جي لاش کي غسل ڪفن ڏياري ٽنڊي يوسف جي قبرستان ۾ دفن ڪرائي ڇڏيو. چيو پيو وڃي ته ٻار جو لاش ڪچري جي ڍير تي پيل هو. علائقي واسين ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ ايڌي رضاڪارن حوالي ڪري ان جي تدفين ڪرائي ڇڏي.