ڪرپٽ حڪمران امن تباهه ڪري معيشت ڳڙڪائي ويا آهن: رياض چانڊيو

حيدرآباد( پ ر ) جيئي سنڌ محاذ جي اعلي سطحي پاليسي ساز اداري سينٽرل ڪميٽي جو ٻ روزا اجلاس ھتي چيئرمين ھائوس تي  پارٽي سربراھ رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو  اجلاس ۾ سنڌ جي مجموعي سياسي صورتحال تي غور فڪر ڪيو ويو ان دوران اجلاس کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو ھن ملڪ اندر  7 ڏھاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين نه حقيقي جھموريت رھي آھي نه ملڪ برابري جي حيثيت ۾  فيڊريشن آھي نه وري ڪڏھن ھتي قانون جي بالادستي رھي آھي آمريت ۽ مذھبي انتھاپسندي ملڪ تي مڙھيل آھن  پھريون دفعو ملڪ جي مٿان قابض اسٽبلشمنٽ پنجابي عوام جي احتجاجن ۽ سياسي تحرڪ جي ڪري پريشاني جو شڪار ٿي آھي نه ته ان جابرانا نظام جي ظلم ۽ ڏاڍ   جو شڪار مظلوم قومون بڻجنديون اچن پيون ۽ اسلام آباد ۾ اقتداري رساڪشي ۾ پھريون دفعو پنجاب جي ننڍن وڏن شھرن طاقتورن خلاف ڀرپور آواز اٿاريو آھي اھڙو عوامي اڀار طاقتورن جي خلاف سنڌ ۾ اڀري ھا ته رتوڇاڻ ڪري مظلوم عوام کي چيڀاٽيو وڃي ھا  ھر دور جي اقتدار ڌڻين سنڌ کي لٽي برباد ڪيو آھي طاقتور اسٽيبلشمنٽ سنڌ جا وسيلا ڦريندي رھي آھي اسٽيبلشمنٽ سنڌ جي اختيارن دولت ۽ اقتدار اعلي تي قابض رھندي آئي آھي اسٽيبلشمنٽ سمورا پاور پاڻ وٽ رکي پ پ جھڙي بدبودار ۽ ڪرپٽ جماعت کي گذريل 15 سالن کان سنڌ تي دلال طور مسلط ڪري رکيو آھي جن سنڌ جو امن تباھ ڪيو آھي معيشيت ڳڙڪائي چڪا آھن رياست سندن پٺڀرائي ڪندي رھي آھي 2022 جي ٻوڏ دوران ھٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙي غرق ڪيو ويو پر عوام جي ھن وقت تائين واھر ناھي ڪئي وئي ھتي عالمي برادري جيڪا ٻوڏ متاثرن لاء مدد موڪلي اھا به رٿابندي ڪري ھڙپ ڪئي وئي نتيجي طور عالمي دنيا خبردار ڪيو ته امداد ڪرپشن جي ور چڙھي وئي آھي ھنن پنھجي تباھ حال معاشي صورتحال کي بھتر ڪرڻ لاء مينيج ڪري ٻوڏ آندي جنھن بعد ٻاھران آيل امداد به کائي ويا اسان کي بحيثيت قوم جي صبر ۽ لاتعلقي ناقابل تلافي نقصان ڏنو آھي ان مجرماڻي ماٺ جي ڪري ھڪ پاسي سمنڊ اسان جي لکين ايڪڙ زمين ڳيھي ويو آھي ڌارين جي آبادڪاري اقليت ۾ تبديل پئي ڪري حالت اھا آھي جو تيل ۽ گيس جا مالڪ ھوندي به عام ضرورتن جيتري گيس نٿي ملي جو چلھ ٻاري سگھجي گيس تيل ۽ ڪوئلي جي دولت ته پري پر خيرات جيترا حق به نٿا ملن  ڪوئلي سميت توانائي جا سڀ زريعا حاڪمن جي قبضي ۾ آھن سنڌ جا ماڻھو ورلڊ بنئڪ جي رپورٽ موجب 75 سيڪڙو غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رھيا آھن خوراڪ جو بحران آھي پر اقتدار ڌڻين کي شرم نٿو اچي ته ھڪ قوم جنھن وٽ قدرتي ۽ پيداوار جا ڪثير وسيلا آھن ان جا وارث بکون پيا ڪاٽين  ڪروڙين انسان پنڻ تي مجبور آھن سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جماعت اسلامي ۽ جي يو آئي توڙي ايم ڪيو ايم کي سياست ڪرڻ جي اجازت آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.