ڏهرڪي ۾ تباهه ٿيل فصل جي سروي نه ٿي،رهجي وڃڻ جو خدشو، آبادگار پريشان

ڏهرڪي ( رپورٽ: اجيت گودواڻي ) ڏهرڪي ۾ زراعت ۽ روينيو کاتي جي عملدارن جي نااهلي سبب آبادگارن جو هزارين ايڪڙن تي تيار ٿيل فصل برسات ۾ تباهه ٿيڻ باوجود عملدارن سروي شروع نه ڪيو ، جنهن بعد سروي جو ڪم شروع نه ٿيڻ سبب سوين آبادگار سروي ۾ شامل ٿيڻ  کان رهجي وڃڻ جو خدشو آهي، ان سلسلي ۾ متاثره آبادگارن امير علي، اصغر علي، زاهد حسين ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي سنڌ حڪومت پاران برسات ۾ فصل تباهه ٿيڻ بعد متاثره آبادگارن کي زارعت کاتي جي عملدارن معرفت 10 ڏينهن اندر فارم ڀري في ايڪڙ تي 5 هزار روپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر ان باوجود زراعت کاتي جي عملدارن پاران فارم ڀرڻ لاءِ انڃان سوڌو ڏهرڪي ۾ آفيس پڻ قائم ناهي ڪئي، جنهن جي هتان جا آبادگار پنهنجي زمينن جا فارم ڀرائڻ لاءِ پريشان آهن انهن چيو ته زراعت کاتي جي عملدارن جي اهڙي سست روي سبب سروي ۾ سوين آبادگار رهجي وڃڻ جو خدشو آهي  انهن ڊي سي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته زراعت کاتي جي عملدارن جي نااهلي جو نوٽس وٺي جلد کان جلد آبادگارن جا فارم ڀري انهن کي سروي واري مرحلي ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن هو سنڌ حڪومت پاران اعلان امدادي رقم حاصل ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.