خيرپورلڳ برساتي پاڻيءَ ٻن مائرن جون جهوليون خالي ڪري ڇڏيون، احتجاج

خيرپور/ راڻي پور( ڊ ر ، ن ع آ) خيرپور ڀرسان ڳوٺ سالاري سولنگي ۾ برسات جي پاڻي ۾ ٻه معصوم ٻارڙا 13ورھين جو آزاد ۽ 12ورھين جي سويرا سولنگي برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، فوت  ٿي ويل ٻارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ٻارن جا لاش ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا، فوت  ٿيل معصوم ٻارڙن جي وارثن ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي پٽون پاراتا ڏنا، ان موقعي تي فوتي ٻارڙن جي وارثن ٻڌايو ته ٻه مھينن کان دانھون ڪندا پيا اچون ته  برسات جو پاڻي نيڪال ڪيو، پر ضلعي انتظاميا توڙي سنڌ حڪومت لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهي آهي،  جنهن سبب اڄ کي واقعو پيش آيو آهي. جڏهن ته ٻنهي ٻارڙن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو هيو جتي ڊاڪٽرن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. جڏهن ته لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته لاش گھر پهچڻ تي گھر اندر ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.