اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خاص ماڻهن جو عالمي ڏينهن” انٽرنيشنل ڊي آف پرسنز ود ڊس ايبلٽيز “ 3 ڊسمبر تي ملهايو ويندو، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد خاص ماڻهن جي مسئلن جو خاتمو ۽ انهن کي معاشري ۾ باعزت مقام ڏيارڻ آهي. واضع رهي ته 1992 ۾ گڏيل قومن جي هڪ ٺهراءَ ۾ عالمي برادري کي اپيل ڪئي وئي هئي ته سڄي دنيا جي خاص ماڻهن کي ٻين عام ماڻهن وانگر زندگي گذارڻ جو حق رکن ٿا ،جنهن کانپوءِ انهن جي حقن ۽ انهن جي مسئلن تي روشني وجهڻ لاءِ هر سال گذريل 30 سالن کان سڄي دنيا ۾ خاص ماڻهن جو عالمي ڏينهن 3 ڊسمبر تي ملهايو ويندو آهي.