ڄامشورو پوليس نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، وارثن پاران احتجاج

ڄامشورو (ڊ ر) ڄامشورو ۾ مدينا ننگر جو رهواسي ريڙهو هلائيندڙ پورهيت نوجوان کي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو، سندس وارثن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران نوجوان جي آزادي لاءِ شهر جي مک چوڪ کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ۽ نينگر کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي ته کنڀي گم ڪيل نينگر فيروز جمالي جي والد عجب گل جمالي، ڪامريڊ جوشيلو سنڌي، اين بي کوسو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او ڄامشورو حاڪم علي جلباڻي، پوليس اهلڪار ۽ خانگي گارڊ ساڻ ڪري ڄامشورو ڦاٽڪ تي ريڙهو هلائيندڙ 15 ورهين جي نينگر فيروز جمالي کي بلاجواز کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي ٽي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين ظاهر ناهي ڪيو ويو، کنڀي گم ڪيل نينگر جي والد عجب گل جمالي جو چوڻ هو ته ڄامشورو پوليس منهنجي معصوم پٽ کي کنڀي گم ڪيو آهي جنهن جي آزادي لاءِ پوليس اسان کان لکين رپيا رشوت گهري ٿي اسان غريب پورهيت آهيون ايترا پئسا ڪٿان آڻيون. هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي پٽ مٿان ڪو ڪيس داخل ٿيل آهي ته ان کي ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جڏهن ته احتجاج ۾ شامل سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پڻ نينگر جي جبري گمشدگيءَ جي مذمت ڪندي چيو ته ايس ايڇ او ڄامشورو حاڪم علي جلباڻي ٿاڻي تي مقرر ٿيندي ئي شهرين لاءِ رڙ ٻاري ڏنو آهي، چوريون، ڦرون ۽ ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي ۽ ان کان سواءِ هن پاڻ سان گڏ خانگي گارڊ پڻ آندا آهن. جيڪي پڻ شهرين لاءِ آزار بڻجي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو آهي ته کنڀي گم ڪيل نينگر فيروز جمالي کي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.