سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ بدين ۾ ريلي

بدين(ڊر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته اسان سڀ گڏجي چونڊيل نمائيندن جو گھيراءُ ڪري انھن کي ٻڌايون ته توھان اسان جي سنڌ تباهه ڪري ڇڏي  آھي ھاڻي ھنن کي بخش نه ڪنداسين ڇو ته سنڌ جا ظالم حڪمران سنڌ کي بگھڙن وانگر پٽي کائي رھيا آھن سنڌ جي سامونڊي پٽي وڪرو ڪري ڌارين کي ڏئي ڇڏي آھي سنڌ ۾ برسات متاثرن جي واھر ڪرڻ ھارين ۽ آبادگارن کي زرعي پيڪيج ڏيڻ ۽ پاڻي جي قدرتي وھڪرن تان قبضا ختم ڪرڻ لاءِ احتجاج جي سلسلي ۾ بدين جي الله والا چوڪ کان پريس ڪلب تائين سوين شهرين هارين مزدورن پارٽي ڪارڪنن جي نڪتل شاندار ريلي کي پريس ڪلب اڳيان خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ڪروڙين ماڻھن کي پ پ پ دربدر ڪيو اسان کي ھاڻي عوام کي سجاڳ ڪرڻو پوندو  پنهنجا جائز حق وڙهي وٺڻا پوندا هن وڌيڪ چيو ته بدين سميت پوري سنڌ ۾ ٻوڏ برسات سبب وڏي تباھي آئي آهي پر سنڌ جي حڪمرانن کي ان ڳالهه جو اندازو ئي نه آهي حڪمرانن پنهنجي ڪرپشن نااهلي لڪائڻ لاءِ ايل بي او ڊي منڇر ڍنڍ سم نالي ۽ ڍورو پراڻ  ھٿرادو ڪٽ ھڻائي سنڌ جي هزارين خاندان کي ٻوڙائي دربدر ڪري روڊن رستن ۽ ڪئمپن ۾ بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.