باليووڊ جي بيبو ڪرينا ڪپور ايڪويهه سالن کانپوءِ وري کُلي پئي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي بيبو گرل ڪرينا ڪپور پنهنجي ماضي جي فلم جو ڊائلاگ موقعي جي مناسبت سان سوشل ميڊيا تي استعمال ڪيو آهي.

ڪرينا ڪپور انسٽاگرام تي پنهنجي تصويرون شيئر ڪيون آهن جن کي ڏسي لڳي ٿو ته اداڪارا ڪاڏي وڃڻ جي تياري ڪري رهي آهي.

پنهنجي تصويرن سان گڏ ٻائيتاليهن سالن جي ڪرينا ڪپور لکيو ته گڊ لڪس، گڊ لڪس اينڊ گڊ لڪس.

اداڪارا اهو ئي جملو پنهنجي ٻه هزار ايڪويهه جي فلم ڪڀي خوشي ڪڀي گم ۾ به چيو هو، اها فلم باڪس آفيس تي وڏي ڪامياب ٿي هئي.

ڪرينا جي اهڙي پوسٽ تي اداڪارا ڪترينا ڪيف به چپ نه ويهي سگهي ۽ تصويرن کي تمام بهترين قرار ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.