پيرا ملٽري فورس اهلڪار جي ساٿي اهلڪارن تي فائرنگ، ٻه ڄڻا مارجي ويا، ٻه زخمي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست گجرات ۾ پيرا ملٽري فورس جي اهلڪار پنهنجي ساٿين تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه اهلڪار فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڀارتي ميڊيا موجب پيرا ملٽري فورس جا اهلڪار پور بندر شهر جي ويجهي علائقي ۾ ڊيوٽي ڪري رهيا هئا ته واقعو پيش آيو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيرا ملٽري اهلڪار جي فائرنگ جو سبب اڃا تائين خبر ناهي پئجي سگهي، ان حوالي سان جاچ جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.