لعلو رائنڪ: ٽي ڏينهن اڳ آپگھات ڪندڙ پورهيت جي وارثن سندس موت جو ذميوار بااثر قرار

لعلو رائنڪ ۾ آپگھات ڪندڙ پورهيت جي وارثن سندس موت جو ذميوار پنهنجي ئي برادري جو بااثر کي قرار ڏئي ڇڏيو.

ٽي ڏينهن اڳ آپگھات ڪندڙ پورهيت علي بخش ٿهيم جي وارثن وارهه روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي آپگھات ڪندڙن جي وارثن الزام هنيو ته سندن پنهنجي ئي برادري جو بااثر ميرل ٿهيم، پورهيت علي بخش ٿهيم جي گھر واري کي تنگ ڪندو هيو، جنهن تان ذهني دٻاءَ اچي هن آپگھات ڪيو.

هنن چيو ته بااثر ميرل ٿهيم هاڻ آواز اٿارڻ تان ڌمڪيون پيو ڏئي، جڏهن ته پوليس به ڪيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪا ساڻن ظلم آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪندي چيو ته پورهيت جي موت جو ذميوار ميرل ٿهيم آهي، اختياريون نوٽيس وٺي ڪارراوئي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.