ڪنڌڪوٽ: جسقم جي ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ريلي، احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم پاران ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪارڪنن والي ڏنو، بشام سنڌي، بشير خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ پوليس جي نااهلي سبب بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، چوريون، ڦريون، ڌاڙا ۽ ماڻهن جو اغوا ٿيڻ معمول بڻجي ويو.

سندن چوڻ هو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس امن قائم ڪرائڻ بدران خاموش تماشي بڻيل آهن، جنهن سبب ماڻهن جي جان توڙي مال غيرمحفوظ ٿي ويو آهي.

اڳواڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ضلعي ۾ امن ڪرائي شهرين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.