ڪنڊياري ۾ شهرين جو برسات متاثر جي واهر ۽ شهر جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف مارچ

ڪنڊياري ۾ شهرين پاران برسات متاثر جي واهر ۽ شهر جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف مارچ ڪيو ويو.

سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي شهرين ۽ ٻوڏ متاثرن جي وڏي انگ سنڌو نواز گھانگھرو جي اڳواڻي ۾ اسٽار چوڪ کان پ پ ايم پي اي فدا حسين شاهه جي بنگلي تائين مارچ ڪري، سندس گھر اڳيان توا ٽنگي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهي، پر ترقي لاءِ جاري ٿيندڙ ڪروڙين رپين جا فنڊ ڪرپٽ نمائندا ۽ ڪامورا کائي وڃن ٿا.

اڳواڻن چيو ته ضلعي انتظاميا جي بيحسي سبب هزارين برسات متاثر ٿڌ ۽ بکن ۾ بي حال  بڻجي ويا آهن پر ڪو به سندن سار لهڻ واري ناهي.

هنن سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته بنا دير شهر جا بنيادي مسئلا حل ڪري برسات متاثرن جي واهر يقيني بڻائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.