عمران خان وڏو اداڪار آهي کيس گوليون لڳيون پر سندس جسم مان رت جو ڦرو به نه نڪتو: سعيد غني

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي لياري واري علائقي چاڪيوڙه ۾ پ پ پاران يوم تاسيس جي موقعي تي جلسو منعقد ڪيو ويو جلسي ڪارڪنن ۾ مردن عورتن ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آتشبازي پڻ ڪئي تقريب ۾ پ پ پ اڳواڻ نجمي عالم خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ ائين جي ضمانت آهي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستاني آئين ڏنو. عمران خان نيازي هن ملڪ کي پنهنجي مرضي موجب هلائڻ چاهي ٿو. جيڪو سندس خواب هاڻي ڪڏهن به پورو نه ٿيندس. جنهن جا پٽ يهودي هجن اهو ڪهڙي رياست مدينا بڻائيندو. عمران خان نيازي ضمني اليڪشن ۾ لياري مان ڀڄي جان ڇڏائي. ڄاڻي واڻي ڪورٽ ۾ ايم اين اي شڪور شاد کان درخواست داخل ڪرائي ته هن اسيتفي نه ڏني آهي عمران خان نيازي هڪ ڪوڙو آهي جنھن هميشه يوٽرن ورتو آهي.

 ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي يوم تاسيس جي موقعي تي پوري ملڪ ۾ هر ڊويزن سطح تي جلسا ڪيا ويندا. پاڪستان پيپلزپارٽي عمران خان نيازي کي ملتان ۽ ملير ۾ شڪست ڏني. لياري جي سيٽن تي ڌاڙو هنيو ويو. لياري جون 3 سيٽون هيون جنهن تي پاڪستان پيپلزپارٽي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به اميدوار هيو. بلاول ڀٽو زرداري سميت سڀني اميدوارن کي هٿ سان هارايو ويو. عمران خان وڏو سياست نه پر اداڪار وڌيڪ کيس گوليون لڳيون پر سندس کان رت جو هڪڙو قطرو به نه نڪتو. عمران خان نيازي يهودين جو ايجنٽ آهي. جيڪو ملڪ کي نقصان پهچائي رهيو آهي.

 عمران خان ۽ ڀارتي جي ميڊيا هڪ پيج تي آهي تونشا خانہ مان گھڙي چوري ڪئي وئي. جيڪا پرچي ڏيکاري وئي آهي اها ته سبزي واري جي به پرچي نه هوندي آهي. عمران خان هڪ نمبر جو ٺڳ آهي. ڪارڪنن اليڪشن جي تياري ڪن ڪراچي ۾ ميئر پاڪستان پيپلزپارٽي جو ڪرڻو آهي. ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي سميت لياري جي عوام سان زيادتي بند ڪري لوڊشيڊنگ ختم ڪري عوام کي پريشان نه ڪيو وڃي. تقريب کي وقار مهدي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هر سال يوم تاسيس وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي هر شهر ۾ جلسي منعقد ڪيا ويندا آهن.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پارٽي جو بنياد رکيو. پاڪستان پيپلزپارٽي 1970 جي اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستان پيپلزپارٽي 30 سالن کان وڌيڪ آمريت خلاف جدوجهد ڪئي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي مشرف دور ۾ شهيد ڪيو ويو. ڪارڪنن کي ڪوڙا هنيا ويا ڪارڪنن کي کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. سياست کي سياسي ڪارڪنن حوالي ڪيو وڃي.

سياست ۾ مداخلت بند ڪئي وڃي هر ڪو پنهنجي حد ۾ رهي. عمران خان نيازي اڳوڻو وزير اعظم به آهي سندس جي پنجاب ۾ حڪومت آهي پر سندس کي گوليون لڳن ٿيون پر ان جو ايم ايل او نه ٿو ٿئي. عمران خان نيازي هاڻي ڪن کولي ٻڌي ڇڏي هاڻي گيٽ نمبر 4 بند ٿي وئي آهي ۽ عوام به کيس هاڻي اقتدار ۾ نه آڻيندو. يوم تاسيس جي جلسي کي پ پ اڳواڻ نبيل گبول خطاب ڪندي چيو ته عمران خان نيازي کي مان چيلينج ٿو ڪيان اچي لياري ۾ اچي مون سان مقابلو ڪري سندس جي پاڪستان پاڪستان پيپلزپارٽي جي جيالا ضمانت ضبط ڪري ڇڏيندا.

 لياري جي جيالن عمران خان نيازي کي لياري مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. رياست مدينا جي ڳالھ ڪندڙ ڪعبته الله واري گهڙي چوري ڪري وڪرو ڪري آيو لياري جا جيالا عام چونڊن جي جي تياري ڪن. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي واحد پارٽي آهي جن ملڪ خاطر قربانيون ڏنيون. عمران خان نيازي گهڙي ته چورائي پر هن جتي به چورائي هوندي. عوام عمران خان نيازي جي لانگ مارچ کي رد ڪري ڇڏي. فوج واضع ڪري ڇڏيو آهي ته سياست ڄاڻي توهان ڄاڻو پر عمران خان نيازي پاڻ فوج کي دعوت ڏئي ڪري ملڪ کي تباهه ڪري رهيو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي جيالن عمران خان نيازي کي ڪراچي ۾ ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا.

 لياري ۾ عمران خان نيازي شڪور شاد کي چئي ڪري پنهنجي شڪست ڏسي ڪري پنهنجي جان ڇڏائي. عمران خان نيازي کي قومي اسيمبليءَ ۾ اچي ويهي ڪجھ اسان جون ڳالهيون ٻڌي کيس خبر پوي. اسپيڪر پي ٽي آئي وارن جو استعفائون منظور نه ڪيون آهن پر اهي قومي اسيمبلي ۾ اچن نه ٿا. پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه پنهنجي ڪارڪنن سان گڏ رهي آهي. ڪارڪن پارٽي جو سرمايو آهن ان موقعي تي پ پ ضلعي ڏکڻ جي صدر خليل حوت خطاب ڪندي چيو ته لياري پيپلزپارٽي جو ڳڙھ آهي. ايندڙ مڪاني چونڊن توڙي عام چونڊ ۾ لياري ۾ مخالفن جي تڏا ويڙھ ڪري ڏيکارينداسين. پيپلز پارٽي پوري صوبي سميت لياري ۾ به ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.