جمادي الاول جو چنڊ نظر اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ جمادي الاول جو چنڊ نظر اچي ويو آهي.

جمادي الاول 1444 هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزادي جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ جمادي الاول جو چنڊ نظر اچڻ جون شاهديون مليون جنهن کانپوءِ چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو ويو.

اعلان موجب ڇنڇر 26 نومبر تي پهرين جمادي الاول 1444 هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.