سنڌ صدين کان هڪ آهي، وحدانيت تي وار برداشت نه ڪبو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته نفرت جي سياست بدران ملڪ کي برابري، اتحاد ۽ ڀائيچاري سان اڳتي وٺي وڃڻ گهرجي.

 سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري حيدرآباد پهچي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو سان سندس رهائشگاهه قاسم آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ هنن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. اياز لطيف پليجو ميڊيا کي ٻڌايو ته سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري سان سنڌ ۽ ملڪ جي گڏيل مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، کيس خدشن ۽ مطالبن کان آگاهه ڪيو.

هن چيو ته سنڌ جو عوام سنڌ ۾ انتظامي صوبي ٺاهڻ کي مڪمل رد ڪري ٿو، سنڌ هزارين سالن کان هڪ آهي، وحدانيت تي وار برداشت نه ڪبو.

اياز لطيف پليجو چيو ته جهڙي ريت پاڪستان جي بقا چاهيون ٿا، اهڙي طرح سنڌ جي وحدانيت تي يقين رکون ٿا، نفرت جي سياست بدران ملڪ کي برابري، اتحاد ۽ ڀائيچاري سان اڳتي وٺي وڃڻ گهرجي

هن  چيو ته سنڌ ۾ هن وقت غير قانوني طور ترسيل پناهگيرن جو وڏو مسئلو آهي، جيڪو امن امان جي خرابي ۾ پڻ ملوث آهن.

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل پناهگيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل به جاري پيا ٿين، جيڪو اهم مسئلو آهي، گورنر ڪامران ٽيسوري کي گھرجي ته هو پرڏيهين کي پنهنجي ڏيهه موڪلڻ لاءِ ڪردار نڀائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.