اسلام آباد انتظاميا ڄاڻي واڻي عمران خان جي زندگي لاءِ خطرا پئي وڌائي:اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر الزام هنيو آهي ته اسلام آباد انتظاميا ڄاڻي واڻي عمران خان جي زندگي لاءِ خطرا وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

پنهنجي ٽوئٽر تي جاري بيان ۾ اسد عمر چيو ته اسلام آباد انتظاميا عمران خان جي هيلي ڪاپٽر کي پريڊ گرائونڊ تي لاهڻ جي اجازت رد ڪري ڇڏي، اجازت رد ڪرڻ جو ڪارڻ اڃا تائين ناهي ٻڌايو ويو، ڇاڪاڻ ته ڪو ڪارڻ ٿي ئي نٿو سگھي.

پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ هو ته ڄاڻي واڻي اسلام آباد انتظاميا عمران خان جي زندگي لاءِ خطرا وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.