ڪراچي ۾ ڦر، شهري هڪ ڪروڙ 12 لک رپين کان محروم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڻڄاتل هٿياربند جوابدار شهري کان 50 هزار ڊالر (هڪ ڪروڙ 12 لک) رپين کان وڌيڪ رقم ڦري فرار ٿي ويا.

رپورٽ موجب ڪلفٽن بلاڪ 5 ۾ بئنڪ مان رقم کڻي ويندڙ شهري کي ڦريو ويو، 2 موٽرسائڪيل سوار جوابدارن شهري کان پرڏيهي ڪرنسي ڦري.

شهري ذوالفقار علي ٻڌايو ته هو 19 نومبر کان پرڏيهه مان ڪراچي آيو هو، 21 نومبر تي بئنڪ سان رابطو ڪري رقم ڪڍرائڻ جو چيو، 24 نومبر تي بئنڪ انتظاميا 50 هزار ڊالر حوالي ڪيا، بئنڪ مان رقم ڪڍرائي ته بوٽ بيسن ڀرسان هٿياربند جوابدارن ڦر ڪئي.

ذوالفقار علي ٻڌايو ته 50 هزار ڊالر جي ماليت پاڪستاني رپين ۾ هڪ ڪروڙ 12 لک رپين کان وڌيڪ ٿئي ٿي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شهري کان ڦر جو ڪيس بوٽ بيسن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي هر رخ کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.