ايس ايڇ او جو مسئلا شريعت موجب حل ڪرڻ جو اعلان، وڊيو وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ)پشاور ۾ ٿاڻي شاهه پور جو ايس ايڇ او علائقي جا مسئلا شريعت موجب حل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ٿاڻي شاهه پور جي ايس ايڇ او جي ٿاڻي ۾ معززن علائقي سان خطاب ڪندي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ اهلڪار عبدالعلي چئي رهيو آهي ته جيڪو مسئلو ٿاڻي تي ايندو اهو شريعت موجب حل ڪيو ويندو.

ايس ايڇ او عبدالعلي جو چوڻ آهي ته ڪوئي به شادي جي تقريبن ۾ کدڙا فقير يا ڊانس ڪندڙ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا نه گهرايا ويا.

هن چيو ته شادي جي تقريب ۾ آتش بازي ۽ فائرنگ تي مڪمل پابندي لاڳو هوندي، ڀڃڪڙيون ڪرڻ تي ڪنهن کي به نه ڇڏينداسين.

عبدالعلي خانگي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اها وڊيو منهنجي آهي ۽ مان ڪا به ڳالهه غلط ناهي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.