نسيم شاهه جي ڪهاڻي سندس زباني، ڏسو وڊيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم فاسٽ بالر نسيم شاهه ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي جدوجهد بابت ڳالهه ٻول ڪئي آهي.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل هڪ انٽرويو وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ کيس پنهنجي اباڻي علائقي ۾ ڪرڪيٽ جي سهولتن نه هجڻ ۽ ٽيپ بال کان هارڊ بال تائين ڪرڪيٽ جي سفر بابت ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

وڊيو ۾ نسيم شاهه جو چوڻ هو ته لوئر دير ۾ ڪرڪيٽ جون ايتريون سهولتون نه آهن انڪري ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هارڊ بال کان ڪرڪيٽ سکندس پر ڪرڪيٽ جو جنون اهڙو هو جو ننڍپڻ ۾ ڪلاس ۾ هوندي به ٽيمون ٺاهيندا هئاسين ته جيئن بريڪ ملي ته ڪرڪيٽ کيڏي سگهون، جنهن ته ابو ڪاوڙ پڻ ڪندو  هو.

فاسٽ بالر ٻڌايو ته ننڍپڻ ۾ ابي دڙڪا پڻ ڏنا ڇو جو سندس خواهش هئي ته مان پڙهائي تي ڌيان ڏيان ان وقت والد سميت منهنجي ذهن ۾ به نه هو ته هارڊ بال ڪرڪيٽ کيڏي سگهندس.

فاسٽ بالر وڌيڪ چيوته مون لاءِ اسپيڊ اهميت رکي ٿي ڇو جو مان ٽيم ۾ فاسٽ بالنگ جي ڪري ئي چونڊيو ويو هئس، 140 پلس سان گڏ سوئنگ جي خواهش هجي ته تمام گهڻي محنت گهربل هوندي آهي تنهنڪري اڃا تائين ڪيئي شين تي ڪم ڪري رهيو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.