وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر سان گڏ پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪري ڇڏيو

استنبول (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان گڏجي پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

استنبول شپ يارڊ تي پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب ٿي ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردگان پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان گڏجي جمعي تي پاڪ بحريا لاءِ چارملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪيو جيڪو پاڪ-ترڪيا اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ اهم سنگ ميل آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪ وچ ۾ گھرا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن جيڪي گذرندڙ وقت سان گڏ وڌيڪ مبضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪ گڏجي ترقي جو سفر جاري رکندا.

وزيراعظم شهباز شريف صدر طيب اردگان جي دعوت تي ترڪيا جي ٻن ڏينهن جي  دوري تي آهي.

استنبول شپ يارڊ ۾ پي اين ايس خيبر افتتاحي تقريب ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، واپار وارو وزير سيد نويد قمر، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين به موجود هيو.

تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، شپ يارڊ آمد تي وزيراعظم شهباز شريف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ٻئي گهر ترڪيه جو دورو ڪرڻ تي خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا ۽ ڀائيچاري جي ڏس ۾ هي عظيم ڏينهن آهي.

هن چيو ته اڄوڪي تقريب ڏسي کيس 1920ع جون حالتون ياد اچن پيون، جڏهن اسان جا ترڪ ڀينر ڀائر آزادي جي جنگ وڙهي رهيا هئا ۽ ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي لاءِ آزادي جي ان عظيم جدوجهد جي لاءِ تحريڪ خلافت شروع ڪري رهيا هئا، ننڍي کنڊ جي مائرن ۽ ڀينرن پنهنجون چوڙيون، دڪاندارن، آبادگارن ۽ شاگردن چندو گڏ ڪري پنهنجي ترڪ ڀائرن جي عظيم جنگ جي لاءِ مدد فراهم ڪئي، اسان جا ابا ڏاڏا ڄاڻيندا هئا ته جيڪا به ڪوشش هو ڪري رهيا آهن، ترڪ قوم نه رڳو اها ياد رکندي پر ترڪيه پاڪستان سان مشڪل وقت ۾ به بيٺل رهندو.

وزيراعظم چيو ته ترڪيه سدائين ٻوڏ، زلزلي ۽ ٻين ڏکين گھڙين ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي، ترڪيه پاڪستان کي ريسڪيو ڪرڻ ۾ نه هٻڪيو، ننڍي کنڊ جي مسلمانن ترڪيا جي عوام جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو اڄ ترڪيه جي اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجز ۾ نصاب جو حصو آهي.

هن ترڪيه صدر رجب طيب اردوان جي دانشمنداڻي قيادت کي ساراهيندي چيو ته صدر طيب اردوان جي ويزن ۽ قيادت ترڪيه کي جديد معاشرو بڻايو آهي. سندس سماجي ڀلائي وارن منصوبن جي ڪري ترڪيه جي پٺ تي پيل علائقن ۾ به ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ زراعت جون سهولتون توڙي صنعتي ترقي جو ڦل ملي رهيو آهي.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪ-ترڪيا لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، سڄي دنيا جيان پاڪستان به توانائي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان توانائي جي سستن ذريعن لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.

وزيراعظم ترڪيا جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيا کي توانائي جا ذريعا حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته پاڪستان کي بدترين ٻوڏ جو منهن ڏيڻو پيو، ترڪيا پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي، ترڪيا کان 15 جهاز امدادي سامان کڻي پهتا، ماضي ۾ به هر ڏکئي گھڙي ۾ ترڪيا پاڪستان جي مدد ڪئي، پاڪستان ۽ ترڪيا گڏجي ترقي جو سفر جاري رکندا.

تقريب کي صدر رجب طيب اردگان خطاب ڪندي چيو ته پاڪ-ترڪيا ماهر منصوبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيا وچ ۾ گھرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيا پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي، ٻطرفي دفاعي تعاون گڏيل لاڳاپن جو اهم ٿنڀ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏ آهن، دهشتگردن خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي گامزن آهن.

واضح رهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان-ترڪيا اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.