7 سال جو ٻارڙو اغوا ۽ قتل: جوبار کي 2 ڀيرا ڦاهي جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 7 سالن جي ٻار کي اغوا ۽ قتل جي ڏوهه ۾ جوابدار رضوان الله کي 2 ڀيرا ڦاهي جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب جوابدار کي ٻار جي اغوا تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي آهي جڏهن ته جوابدار تي 20 لک رپيا ڏنڊ به آهي. فريادي ڌر جو وڪيل ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

عدالت فيصلو ڪيو ته ڏنڊ جي رقم جوابدار ٻارڙي جي وارثن کي ادا ڪندو.

پراسيڪيوشن موجب جوابدار بلال ڪالوني ۾ گهر کان ٻاهر راند کيڏندڙ 7 سالن جي ٻار کي اغوا ڪيو هو، ٻار جي اغوا جو ڪيس 13 جولاءِ 2020 تي ٻار جي پيءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. اغوا جي 20 ڏينهن کانپوءِ ٻار جو لاش ڪورنگي ندي مان مليو، جوابدار ٻارڙي جو مائٽ هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.